ايف آءِ اي حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ جي ڪاپي ڏي، عمر

ايف آءِ اي حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ جي ڪاپي ڏي، عمر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ باني جي تڪراري وڊيو پوسٽ تي ايف آءِ اي جي نوٽيس تي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب ايف آءِ اي کان حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ جي ڪاپي طلب ڪري ورتي.عمر ايوب خان نوٽيس جو لکت ۾ جواب ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو آهي.لکت واري جواب ۾ عمر ايوب چيو آهي ته ايف آءِ اي توهين جو نوٽيس موڪليو، جنهن ۾ مبهم، شڪي ۽ غير قانوني سوال ڪيا ويا.عمر ايوب پنهنجي لکت واري جواب ۾ چيو آهي ته نوٽيس ڍاڪا سانحي جي واقعن سان لاڳاپيل آهي، جنهن تي حڪومت ڪميشن قائم ڪئي.لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن 1972ع ۾ عبوري رپورٽ ۽ 1974ع ۾ مڪمل رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ کي نه ته رد ڪيو ويو ۽ نه ئي ان جي مواد کي رد ڪيو ويو.عمر ايوب جي وڪيلن ايف آءِ اي کي لکت ۾ جواب ۾ چيو آهي ته ڪميشن جنرل يحيٰ خان ۽ جنرل امير عبدالله نيازي جا بيان رڪارڊ ڪيا، حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ ڪابينا ڊويزن ۾ موجود آهي.لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي نه تاريخدانن جو کاتو آهي ۽ نه ئي عدالتن کان مٿانهون ادارو آهي، نوٽيس جو مقصد پي ٽي آءِ جي باني ۽ پارٽي سيڪريٽري جنرل کي نشانو بڻائڻ آهي.عمري ايوب جي لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي جواب جي تياري لاءِ حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ جي ڪاپي فراهم ڪري. لکت واري جواب ۾ چيو ويو ته نوٽيس ذريعي ڪيل پروپيگنڊا واري معاملي کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو حق به استعمال ڪنداسين، ايف آءِ اي جي نوٽيس کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو حق به استعمال ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو