لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته مان حوصلو وڃائي چڪو آهيان، پاڪستان ۾ احتساب ممڪن ناهي، سموري اشرافيه ڪنهن به احتساب يا جاچ جي خلاف آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته ايوب خان کان وٺي احتساب اسان جي ترجيح ناهي، ماڻهو سمجهن ٿا ته پاڪستان ۾ انصاف ناهي.عارف علوي جو چوڻ آهي ته سائيفر ڪيس جو فيصلو مناسب هو، ڪيس بنا ڪنهن سبب جي ڪيو ويو، جڏهن سائيفر اچي ٿو ته وزيراعظم فيصلو ڪري ٿو ته عوام کي آگاهه ڪيو وڃي يا نه،پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هاڻ مقامي ڪاروباري ماڻهو ٻاهر وڃي رهيا آهن ته پرڏيهي سيڙپڪار ڪيئن ايندا، اهڙن ماڻهن کي ڀليڪار ڪيون ٿا جيڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندا.اڳوڻي صدر جو چوڻ آهي ته 2 ڪروڙ 62 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، توهان جا ٻار نه آهن، غريبن جا ٻار ٻاهر آهن.










