ادارا پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪندا ته ملڪ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي

ادارا پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪندا ته ملڪ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪندا ته ملڪ بهتري طرف ويندو.لاهور ۾ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مان نٿو سمجهان ته ادارن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ ٿيڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته جيڪو صوبو سٺو ڪم ڪري رهيو آهي انهي جيان ڪم ڪريون، اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جيان اسپتالون ٻين صوبن ۾ به بڻجن.هن چيو ته آئين ۾ 18هين ۽ 19هين ترميم جو ڪريڊٽ پيپلز پارٽي ۽ اتحادي پارٽين ڏانهن وڃي ٿو. مان 5 سال قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو آهيان، ڪنهن به مون کي لکيل تقرير نه اماڻي. هن چيو ته مون کي ڪڏهن به ڪنهن به فون يا ميسيج نه اماڻيو ته اوهان کي پارليامينٽ کي ڪيئن هلائڻو آهي، مون کي خبر ناهي ته تقريرون ڪنهن وٽ اينديون ۽ ڪٿي لکيون وينديون آهن.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان تڪراري ٽوئيٽ ٿيو، هي چون ٿا ته اسان ٽوئيٽ ناهي ڪيو، ڪالهه تائين ٽوئيٽ موجود هو، هي ايترا نالائق اهن جو انهن کي خبر نه آهي ته ڪنهن کي ٽوئيٽر هينڊل استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي.پ پ اڳواڻ چيو ته اڄ هي چون ٿا ته نيب چيئرمين جي چونڊ تي مڪ مڪا ڪيو ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي چونڊ ڪنهن ڪئي هئي؟ جيڪو هنن کي سيٽون کٽرائي اهو سٺو جيڪو نه کٽرائي اهو خراب آهي؟ اوهان کي ٻين سياسي پارٽين سان ويهڻو پوندو. هاڻ اهو وقت هليو ويو جڏهن اوهان ٻين جي ڪلهن تي چڙهي ايندا هو.خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته پاڪستان کي نظريه ضرورت موجب نٿو هلائي سگهجي. 9 مئي وارا حڪومتن ۾ ايندا، وزيراعليٰ بڻجندا ته اهو سواليه نشان آهي، عداليتون 9 مئي وارن کي سزائون ڏين.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مان فارم 45 وارو گورنر آهيان جنهن کي فارم 47 تي اعتراض آهي، عدالتون ۽ فورم حاضر آهن، پنهنجي ثبوتن سان گڏ وڃو ۽ ٻڌايو ته اسان سان زيادتي ٿي آهي، پارليامينٽ ئي اهو فورم آهي جنهن تي شيون صحيح ٿي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو