نواز شريف 6 سالن بعد بنا مقابلي پارٽي صدر چونڊجي ويو

نواز شريف 6 سالن بعد بنا مقابلي پارٽي صدر چونڊجي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 6 سالن کانپوءِ ٻيهر پارٽي صدر بڻجي ويو. (ن) ليگ جي اڳوڻي صدر شهباز شريف جي استعيفيٰ کانپوءِ نئين صدر جي چونڊ لاءِ اليڪشن ٿي، جنهن ۾ پارٽي صدر جي عهدي لاءِ نواز شريف جا 8 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، چئني صوبن مان الڳ الڳ ڪاغذ نواز شريف پاران نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. نواز شريف جا آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد مان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، سنڌ مان ن ليگ صدر بشير ميمڻ، خيبرپختونخواهه مان امير مقام ۽ بلوچستان مان سردار يعقوب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. پارٽي صدر جي اميدوار لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت صبح 10 وڳي کان 12 وڳي تائين هو، جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ صبح 2 وڳي تائين ڪئي وئي. پارٽي چيف اليڪشن ڪمشنر راڻا ثناءُ الله سفارش ڪندڙن ۽ تائيد ڪندڙن کي طلب ڪري ورتو ۽ نواز شريف جا ڪاغذ چيڪ ڪيا ويندا بعد ۾ نواز شريف جا پارٽي صدارت لاءِ ڪاغذ منظور ڪيا ويا ۽ هو بنا مقابلي (ن) ليگ جو صدر چونڊجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو