پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور گهرو وزير محسن نقوي ۽ توانائي واري وزير اويس لغاري سان ملاقات ڪئي.ملاقات جي دوران خيبرپختونخواهه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. لوڊشيڊنگ، بجلي بابت معاملا ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي.وفاقي وزيرن ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير معاملن کي گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان علاوه سڀاڻي سومر تي ٻيهر ملاقات جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










