پشاور ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيپٽن ۽ حوالدار شهيد

پشاور ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيپٽن ۽ حوالدار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي موثر تلاشي ورتي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن حسين جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله شهيد ٿي ويا،پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب آپريشن جي اڳواڻي ڪيپٽن حسين جهانگير ڪري رهيو هو، جنهن جو تعلق رحيم يار خان سان آهي، جڏهن ته 36 ورهين جو حوالدار شفيق الله جو تعلق ڪرڪ سان آهي.آءِ ايس پي آر موجب اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو