توهين مذهب ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جاقلم شامل، 44 گرفتار

توهين مذهب ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جاقلم شامل، 44 گرفتار

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ)سرگوڌا جي مجاهد ڪالوني ۾ گذريل ڏينهن مبينا توهين رسالت واري واقعي ۾ هڪ شخص تي تشدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ درجنين عورتن سميت 500 نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، ڌاڙن ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ 500 نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ 40 کان وڌيڪ اڻڄاتل عورتن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جون دفعاتون پڻ شامل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 28 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ فساد، ڀڃ ڊاهه، گهرن ۽ ڪارخانن کي باهه ڏني وئي آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سڄي ضلعي ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي ۽ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، گرجا گهرن ٻاهران پوليس اهلڪار مقرر آهن جڏهن ته متاثر مجاهد ڪالوني ۾ به پوليس اهلڪار مقرر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو