ملڪ جو پئسو لٽيندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو؛ ذوالفقار شاهه

ملڪ جو پئسو لٽيندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو؛ ذوالفقار شاهه

ٽنڊومحمد خان(ن س) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ سيد ذوالفقار علي شاهه  چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ڪو به لهر ۽ لوڏو نه آھي، اپوزيشن ڀلي جلسا جلوس ۽ ڌرڻا هڻن پر انهن جو ڪو به ارادو ڪامياب نه ٿيندو، هي حڪومت پنهنجا 5 سال مڪمل ڪندي ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهي.هن چيو ته ڪرپشن ڪري ملڪ جو پئسو لٽيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو پاڪستاني عوام جي جي رپئي رپئي جو حصاب ۽ احتساب جو عمل به جاري آهي. 70 سالن جي گند کي صاف ڪرڻ ۾ ٿورو ٽائيم لڳندو ۽ ڪجھ مشڪلاتون سامهون اينديون پر انهن چورن لٽيرن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته ڪالهوڪي ٽرين حادثي تي وڏو ڏک پهتو آهي اسان فوت ۽ زخمي ٿيندڙن جي وارثن سان هر ڏک ۾ گڏ آهيون. هن وزيراعظم کان مطالبو ڪندي چيو انهن جي هر طرح مالي مدد ڪئي وڃي ۽ انهن جو بهتر کان بهتر علاج ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو