سکر ( بيورو رپورٽ) ڪراچي کان جيڪب آباد ويندڙ سکر ايڪسپريس ٽرين جي ٻن بوگين کي اچانڪ سلطان ڪوٽ ڀرسان باهه لڳي وئي. علائقي جي ماڻھن پنهنجي مدد پاڻ باھ تي قابو پاتو. باهه شارٽ سرڪٽ جي ڪري لڳي ڪوئي جاني نقصان نه ٿيو. ٽرين کان سڙيل بوگين کي الڳ ڪري پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو. ڊي ايس سکر سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته انويسٽيگشن ٽيم کي روانا ڪيو آھي وڌيڪ تفصيل پوءِ ٻڌائينداسين.










