ناڻي واري وزارت پاران آءِ ايم ايف کي خرچ گهٽائڻ جو منصوبو پيش

ناڻي واري وزارت پاران آءِ ايم ايف کي خرچ گهٽائڻ جو منصوبو پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزارت خرچن ۾ گهٽتائي جو منصوبو انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي جمع ڪرايو آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت هڪ سال ۾ خرچن ۾ 300 ارب رپين کان وڌيڪ گهٽتائي ڪندي، وفاقي وزارتن طرفان نيون گاڏيون خريد ڪرڻ تي مڪمل پابندي هوندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 1 سال کان خالي پيل گريڊ 1 کان 16 تائين جون سموريون پوسٽون ختم ڪيون وينديون، وفاقي حڪومت صوبن جي ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ نه ڏيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت رڳو اهم ۽ قومي ترقياتي منصوبن لاءِ وسيلا فراهم ڪندي، انفراسٽرڪچر جا منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪيا ويندا.ذريعن موجب وفاقي حڪومت ڪا به نئين يونيورسٽي نه ٺاهيندي، صوبائي حڪومتون پنهنجي دائري هيٺ يونيورسٽين کي فنڊ پاڻ ڏينديون.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ايندڙ مالي سال کان دفاعي ۽ پوليس کانسواءِ نون ڀرتين لاءِ رضاڪارانه پينشن اسڪيم تي به غور ڪيو پيو وڃي، آءِ ايم ايف پاڪستان کي پينشن سسٽم تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال کان اسيمبلي ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن تي مڪمل پابندي لڳائڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو