ڪي پي  ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو

ڪي پي ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوبي جي مڪاني ادارن جي نمائندن کي گاڏيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ان سلسلي ۾ مڪاني حڪومتن کي ترقياتي گرانٽس جي فراهمي بابت ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ بجيٽ ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن جي مراعات لاءِ هڪ فنڊ رکيو ويندو.علي امين گنڊاپور چيو ته هو وفاق کان صوبي جا حق وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن مرڪز کان صوبي جا بقايا ملن ته پوءِ بلدياتي ادارن کي به فنڊ ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو