برسات سبب سارين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ، آبادگار پريشان

برسات سبب سارين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ، آبادگار پريشان

ڪشمور(جي ايم کوسو) بارش جي ڪري ڪشمور ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ پوکيل سارين جو فصل اڳ ۾ غيرمعياري ٻج 2 نمبر پيسٽي سائيڊ جي ڪري فصل کي نقصان رسيو آھي ته باقي ڪسر رات جي بارش جي ڪري سارين جي بيٺل فصل ۽ ڪپيل فصل کي ڪاپاري ڌڪ ٿيڻ ڪري ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي. هڪ طرف ڪارخانيدارن بارش کان پوءِ سارين جي خريداري بند ڪري قيمت 100روپيه في مڻ رقم گھٽائي 1050 ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته بارش پوڻ ڪري ھزارين مڻ کليل آسمان ھيٺ رکيل آھن ۽ آبادگارن جا ھٿ مٿي تي اچي ويا آهن جڏهن ته موسميات کاتي پاران ايندڙ 24 ڪلاڪ اندر وڌيڪ بارش پوڻ جو امڪان آھي. سنڌ آبادگاربورڊ ڪشمور جي اڳواڻن چيو ته ڪشمور ضلعي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي ۽ آبادگارن ۽ ھارين کي رليف ڏنو وڃي آبادگارن چيو ته ايندڙ ڪڻڪ جي فصل لاءِ ٻج ۽ کاڌ مفت ڏنو وڃي ته جيئن آبادگار (ربيع) ڪڻڪ جو فصل پوکي ڪري سگھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو