ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ صحت ۽ تعليم جي نظام کي خراب ڪيو ويو آهي، ترقي ۾ پوئتي رهڻ جو اهو سلسلو اسان جي ڪري آهي، رياست ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر ٻئي طرف ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر نه پيو ڪيو وڃي. سرفراز بگٽي چيو ته هتي بسن مان لاهي ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، اهي ڪهڙيون بلوچي روايتون آهن، اهڙين روايتن جي نه آئين اجازت ڏئي ٿو نه ئي اسان جو اسلام، اهڙي دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ڳالهين جو رستو چونڊ ڪرڻ گهرجي بلوچستان جي ترقي ۾ نوجوان نسل کي شامل ڪرڻ گهرجي، نوجوانن جي لاءِ تربيتي پروگرام ۽ قرضن جو پروگرام ڏئي سگهون ٿا. بلوچستان جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته شر پسند عناصر اوهان جي ملڪ کي وائلنس ذريعي ٽوڙڻ چاهين ٿا، اوهان ٻڌايو انهي دهشتگردي کي روڪڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟ پورو پاڪستان چئي ٿو ته بلوچستان جو مسئلو طاقت سان حل نه ڪيو وڃي، هن وقت به رياست ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪرڻ سان معاملا بهتر ٿي وڃن ٿا ته ان کان وڏي ٻئي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. پاڪستان جي قيام جي افغانستان مخالفت ڪئي هئي، نوڪرين جي وڪرو ۾ جيڪو به ملوث آهي ان کي سزا ڏني وڃي، اسان کي پنهنجي معاملن کي پاڻ صحيح ڪرڻو آهي، فاصلن کي ڊائيلاگ ۽ گڊ گورننس سان گهٽ ڪري سگهجي ٿو.سرفراز بگٽي چيو ته لاهور مان ڪوبه پنجابي وڏو وزير نه آيو آهي، اسان بلوچستان جا ماڻهو ان جا ذميوار آهيون، اسان تاريخ اتان کان شروع ڪندا آهيون جتان کان اڌ سچ ٻڌايو ويندو آهي.










