لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو جيل مان نڪرڻ پاڪستان جي ڏکن جو علاج آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته تلخ ڳالهيون نه ڪريو، پاڻي هارڻ جي ضرورت آهي، ڪشمير سميت هر هنڌ جي صورتحال اوهان جي سامهون آهي، پاڪستان جي اڳواڻ کي ٻاهر ڪڍو.هن چيو ته هارين کان ڪڻڪ وصول نه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان هر مسئلي ۾ ڦاسي پيو آهي.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اسان هٿيار کڻي هلڻ وارا نه آهيون.










