ديامر ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، 20 ڄڻا فوت، 21 زخمي

ديامر ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، 20 ڄڻا فوت، 21 زخمي

ديامر )ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ مسافر بس اوندهه ۾ ڪري پئي، فوتين جو انگ 20 ٿي ويو آهي.ريسڪيو ذريعن موجب صبح سوير قراقرم هاءِ وي تي يشوخالداس وٽ مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 21 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي جو شڪار مسافر بس راولپنڊي کان گلگت وڃي رهي هئي ته حادثو صبح سوير پيش آيو، پوليس ۽ مقامي ماڻهن امدادي ڪارروائين ۾ حصو ورتو.حادثي کانپوءِ ريجنل اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو زخمين لاءِ رت جو عطيو ڏين.وزيراعظم شهباز شريف ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان بس حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي انتظاميا ۽ زخمين کي بروقت طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو