اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي معاشي معاملا ڏسڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو ته ان سان اختلاف جنم وٺندا.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن اسحاق ڊار جي بطور ڊپٽي وزيراعظم مقرري تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت ۾ نائب وزيراعظم جي ضرورت نه هوندي نه ئي آئين ۾ نائب وزيراعظم جي گنجائش هوندي آهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته نائب وزيراعظم جو عهدو آئيني نه آهي. ماضي ۾ 3 نائب وزيراعظم رهي چڪا آهن. ايگزيڪٽو آرڊر کي چيلينج نٿو ڪري سگهجي، معاملو وزيراعظم تي ڇڏي ڏيو اهو ڪنهن کي ڪهڙو عهدو ڏئي ٿو.هن چيو ته جنهن کي وزيراعظم عهدو ڏيندو ان جي ڪارڪردگي کي ڏٺو ويندو. ماضي ۾ ڪارڪردگي سٺي نه هئڻ سبب اسحاق ڊار کي واپس ڪيو ويو ان ۾ منهنجو ڪوبه ڏوهه نه آهي، عدالت نائب وزيراعظم جي عهدي جي ڪا رولنگ ڏئي ته سٺو آهي. مسلم ليگ(ن) جي باغي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جيڪڏهن سمجهي ٿو ته مصروفيت سبب ڪجهه ڪم اسحاق ڊار کي ڏيندو ته مسئلو نه آهي، اسحاق ڊار کي معاشي معاملا ڏسڻ جو چيو ويو ته ان سان اختلاف جنم وٺندا.ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم جي طرفان پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو.










