قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن کي عمر قيد

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج احمد نواز ڊومڪي طرفان 6 جوابدارن شاهد پرويز آرائين، اظهر حسين جٽ، محمد آصف آرائين، شهزادو ملهڻ، ڀورل ملهڻ، غلام مرتضيٰ مهر کي قتل جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي 25 /25 سال قيد ۽ 25/ 25  هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ جڏهن هڪ هڪ لک نوجوان جي وارثن کي  ڏنڊ ڏيڻ جو حڪم ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته جوابدارن 4 سال اڳ الائنس شگر مل وٽ ڪمند جي ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪرڻ دوران ڊرائيور راحب علي ڀارو کي قتل ڪيو هو ۽ جوابدارن مٿان قتل ٿيل نوجوان جي  ڀاءُ متارو ڀارو فريادي هيو جيڪو تقريبن 4 سال ڪيس هليو آهي جوابدار سکر سينٽرل جيل ۾ قيد هيا جنهن کي فيصلو ٻڌائي ٻيهر سکر سينٽر جيل موڪليو ويو آهي جڏھن ته هڪ جوابدار شاهد پرويز کي 13 ڊي جي ڪيس ۾ چار سال وڌيڪ سزا ٻڌائي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو