ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)گوادر، جيوني ۽ سانسار سميت بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، تيز هوائن سان گهرن جا سولر پينل اڏري ويا پاڪستان-ايران جي سرحدي علائقن ۽ جبلن ۾ برسات سبب دريائن ۾ ٻوڏ اچي وئي، جڏهن ته سنسار جي هڪ درجن کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، ٻوڏ واري ريل جي لهر اچي وئي.ان کان علاوه ڀرپاسي وارن علائقن ڪلدان، پليزي، گبد قلات، چوب ريڪاڻي سميت ٻين علائقن ۾ تيز برسات پئي.










