شاهه محمود  پُراميد آهي، انصاف ٿيندي نظر اچي پيو: مهربانو

شاهه محمود پُراميد آهي، انصاف ٿيندي نظر اچي پيو: مهربانو

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهربانو قريشي چيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.اڊيالا جيل راولپنڊي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته گذريل سومر تي اسان جي شاهه محمود قريشي سان ملاقات ٿي هئي. ان جي طبيعت بهتر هئي. 6 ججز جي آئين جي بالادستي جي لاءِ بهادري سان شاهه محمود جو حوصلو وڌيو.مهربانو قريشي چيو ته شاهه محمود قريشي پراميد آهي انهي کي ملڪ ۾ انصاف ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. وڏن ظلمن مان گذرڻ جي باوجود اسان پاڪستان کي مضبوط ۽ مستحڪم ڏسڻ چاهيون ٿا.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته 16 اپريل تي سائفر سزائن جي خلاف اسان جي اپيل تي ٻڌڻي آهي. اميد آهي ته پراسيڪويشن طرفان وڌيڪ ڪنهن به قسم جي بيان بازي نه ٿيندي. پراسيڪيوشن وٽ سائفر ڪيس ۾ ڪي به دليل نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو