راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ سروسز چيفس طرفان شوال جو چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ قوم کي عيد جون واڌايون پيش ڪيون ويون آهن.آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوج عيد جي پرمسرت موقعي تي قوم جي نالي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سپاهين لاءِ عيد جو اصل جوهر فرنٽ لائين تي قوم جي حفاظت ڪرڻ ۾ آهي، ملڪ ۾ خوشحالي آڻين.آءِ ايس پي آر موجب پنهنجي پيغام ۾ پاڪ فوج جي سربراهن چيو ته ان پرمسرت موقعي تي اچو ته پنهنجي قومي هيروز جي غير متزلزل حوصلي کي ياد ڪريون، سندس خاندان جي قربانين جا هميشه شڪر گذار آهيون.عيد الفطر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪ فوج قوم کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته شهيدن وطن جي حفاظت ۽ آزادي لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪيو، پاڪستان جي انهن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.










