عيد الفطر تي پنجاب ۾ تيز برساتن جو امڪان،  الرٽ جاري

عيد الفطر تي پنجاب ۾ تيز برساتن جو امڪان، الرٽ جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي عيدالفطر تي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٿيا موجب 10 کان 15 اپريل تائين وقفي وقفي سان طوفاني برساتون پونديون.ڊي جي عرفان علي ٻڌايو ته 10 کان 12 اپريل تائين مري، گليات، راولپنڊي، اٽڪ ۽ چکوال ڊويزن ۾ برسات جا امڪان آهن، جڏهن ته گوجرانوالا، لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ ساهيوال ڊويزن ۾ 12 اپريل تائين برسات پوندي.ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب بهاولپور ڊويزن جا ضلعا به تيز برساتن سان متاثر ٿيندا جڏهن ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ جا امڪان آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو