اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو آهي.چيئرمين پيپلز پارٽي سيڪريٽريٽ مان يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.سينيٽ جو اجلاس 9 اپريل تي طلب ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا.اجلاس ۾ ميمبرن جي حلف برداري کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ڪئي ويندي.










