سمنڊ جون تيز لهرون، بند ٽٽي پيو، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ

سمنڊ جون تيز لهرون، بند ٽٽي پيو، ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ

جاتي (محمد صديق ٻارڻ) سمنڊ ۾ طوفان ڪيار سبب جاتي جي ساحلي  پٽي وٽان سامونڊي  بند سمند جي چاڙھ ۽ تيز لھرن جي سٽ نه سھي سگھيو ۽ بند ٽٽي ويو جنهن سبب ڳوٺ حاجي  ڏونگر  جت سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سامونڊي  پاڻي داخل ٿيڻ وارو ماڻھن جا فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن ۽ ماڻهن ۾ خوف ڇانيل آهي.

ياد رھي ته 1999 جي سامونڊي  طوفان ۾ جاتي جي ساحلي  پٽي مان سمنڊ سوين ماڻهو لوڙھي کڻي ويو ھو ڪيترن جا لاش ئي نه مليا. انهيءَ ڪري ڪيار طوفان جو ٻڌي ماڻهن ۾ سخت خوف ڇانيل  آهي اوچتو وري تيز سامونڊي ويرن سبب بند ٽٽڻ پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ ڪري ماڻهو ويتر وڌيڪ خوف ۾ وٺجي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو