بائيڊن جو شهباز کي خط،نيڪ خواهشن جو اظهار

بائيڊن جو شهباز کي خط،نيڪ خواهشن جو اظهار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جو بائيڊن طرفان وزيرِاعظم شهباز شريف کي خط لکي نئين چونڊيل حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي صدر پنهنجي خط ۾ نئين چونڊيل حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ڀائيواري دنيا ۽ اسان جي عوام جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۾ اهم آهي.آمريڪي صدر موجب، دنيا ۽ خطي کي پيش وقت جي اهم ترين چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺو رهندو ۽ صحت جي تحفظ، معاشي ترقي ۽ تعليم سڀ لاءِ جهڙن گڏيل ويجن تي سهڪار جاري رهندو. آمريڪي صدر خط ۾ چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان گرين الائنس فريم ورڪ سان ماحولياتي بهتري لاءِ اسان پنهنجي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، پائيدار زرعي ترقي، آبي انتظام، 2022ع واري ٻوڏ جي اثرن مان نڪرڻ ۽ بحالي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکنداسين. جو بائيڊن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان گڏجي انساني حقن جي تحفظ، ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهيون، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ويجهي رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو