لنڊن (ويب ڊيسڪ) اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته پورن فلمون سيڪس بابت نوجوانن جي روين کي متاثر ڪري رهيون آهن. پورن يعني فحش فلم ٺاهيندڙ ايريڪا لسٽ ErikaLust چوي ٿي ته انٽرنيٽ ۽ مارڪيٽ ۾ موجود فحش فلمن جي اڪثريت اهڙي آهي جيڪي مرد ٺاهيندا آهن ۽ ان ۾ عورتن جي جذبن جي ڪا به پرواهه ناهي ڪئي ويندي. ايريڪا انٽرنيٽ تي لڪل ان “مرداڻي ڪلچر” کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙيون فلمون ٺاهي رهي آهي، جنهن مان مرد ۽ عورتون ٻئي لطف ماڻي سگهن. ايريڪا جو چوڻ آهي ته عورتن ۾ به مردن وانگي سيڪس جون خواهشون هونديون آهن، منهنجو مطلب آهي ته اسانجو هن ڌرتي تي وجود سيڪس سبب آهي ته پوءِ سيڪس خراب ڇو آهي، ان بات کلي ڳالهائڻ گهرجي، معاشري کي ڄاڻ ڏيڻ گهرجي. فحش فلمن جي مشهور ڊائريڪٽر ايريڪا لسٽ جو چوڻ آهي ته جهڙي قسم جو فحش مواد آن لائن تي موجود آهي، مان ان جي مقابلي ۾ پنهنجي فلمن ۾ ان جو متبادل ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان، گهڻيون ئي ڪيتريون ئي فحش فلمون ويب سائيٽن تي موجود آهن، جيڪي جنسي فرق کي ظاهر ڪن ٿيون، پر مان انهن سان هڪجهڙائي نٿي رکان. ايريڪا لسٽ پنهنجي فحش فلمن جي مشهوري لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪندي آهي، سندس چوڻ آهي ته ماڻهن لاءِ انسٽاگرام تي ڳولڻ ڏکيو آهي، ايريڪا جو چوڻ ته انسٽاگرام سندس اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مداحن کي اڪائونٽ بحال ڪرڻ لاءِ چيو، مداحن پاران شڪايتون ڪرڻ بعد منهنجو اڪائونٽ بحال ڪيو ويو. ايريڪا جو چوڻ آهي ته سيڪس آرٽسٽن سان هر ايندڙ ڏينهن اهو مسئلو هوندو آهي، مان سينسرشپ تي يقين نٿي رکان. منهنجو خيال ناهي ته اهو درست طريقو آهي. ايريڪا جو چوڻ آهي منهنجو مطلب آهي ته اسان جي سماج ۾ جنسي تعليم جي کوٽ آهي، ماڻهو فحش فلمن ڏانهن ويندا آهن ڇو ته هنن کي سيڪس ۾ دلچسپي آهي.

اهي سيڪس کي سکڻ ۽ سمجهڻ چاهين ٿا. تڏهن ته اهي آن لائن وڃي گوگل تي سرچ ڪن ٿا ۽ ٽوٽا ڏسن ٿا. ڇوڪرن جو خيال آهي ته فحش فلمن مان کين خبر پوندي آهي ته سيڪس ڇا آهي. ايريڪا لسٽ موجب فحش فلمون مرد ٺاهيندا آهن، ان ڪري انهن ۾ عورت جي خواهشن، سيڪسي ضرورتن ۽ جذبن جو خيال ناهي رکيو ويندو. هن چيو ته مان اهڙيون فلمون ٺاهڻ چاهيان ٿي جنهن مان ٻئي ڌريون برابري خوشي حاصل ڪندي ڏٺا وڃن، ڇو ته سيڪس سان مرد ۽ عورت ٻنهي جي تسڪين ٿيندي آهي.(بشڪريه بي بي سي)










