خانيوال (ويب ڊيسڪ) موٽروي جو عبدالحڪيم کان خانيوال سيڪشن کلي ويو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افتتاح ڪري ڇڏيو. ايم 4 جي هن پورشن م 3 انٽر چينج آهن جن ۾ دين پور، مخدوم پور ۽ ڪبير والا شامل آهن. هن سيڪشن جي کلڻ سان سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٽريفڪ کي سهولت ملندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ جو فاصلو بچندو. پنڊي ڀٽيان کان ملتان تائين هاڻي ايم فور مڪمل طور تي کلي ويو آهي. جڏهن ته ملتان کان سکر موٽر وي ايم 5 جيڪو پڻ ڪيترن مهينن کان مڪمل آهي ان جو افتتاح نامعلوم سببن ڪري نه پيو نه ٿئي. هاڻي نومبر جي ٻئي هفتي ۾ افتتاح جي تاريخ مقرر ٿي آهي. اڳ ۾ ٽي ڀيرا افتتاح جون تاريخون مٽجي چڪيون آهن.










