بوزدار وڏا (حسين ٽانوري) شهر ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان شهر جي صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جي ڍير مٿان ڪار ڪراس ڪرڻ دوران تيزاب جي بوتل ڦاٽڻ سبب موٽر سائيڪل سوار نوجوان محمد مٺل خاصخيلي ۽ ٻه معصوم ٻارڙا محمد امين ۽ محمد عباس سڙي شديد زخمي ٿي پيا جن کي وارث گمبٽ اسپتال کڻائي آيا.

جڏهن ته شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران گذريل 16 ڏينهن کان شهر جي صفائي نه ٿيڻ ڪري اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته شايد ٻئي ڪنهن گندگي جي ڍير ۾ به اهڙيون تيزاب جون بوتلون اڇلايل هجن جنهن ڪري معصوم ٻارڙن سميت ٻين سان اهڙو واقعو پيش اچي سگهي ٿو تنهن ڪري شهر جي صفائي جلد ڪرائي وڃي.










