رهائي ڪميٽي جو ڌرڻو، آصف ۽ فريال کي آزاد ڪيو، مظاهرين

رهائي ڪميٽي جو ڌرڻو، آصف ۽ فريال کي آزاد ڪيو، مظاهرين

مٽياري (رياض چانڊيو) آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر رهائي ڪميٽي پاران مرڪزي صدر گاجو خان ملاح، جنرل سيڪريٽري نظام ڪيريو،  زرداري هائوس جي ترجمان مير شير باز مري، پيارو خان لنڊ، سيد جاني شاھ حسيني، سيد فضيل حبيب شاھ، محفوظ جماڻي، ساگر شيخ، فاروق نوحپوٽو، فيصل صالح جکريجو، منور دايو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ پ پ جي جيالن سميت عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ پوئين چاليھ سالن کان پيپلزپارٽي خلاف انتقامي ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سولي تي لٽڪايو ويو، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، آصف علي زرداري کي 11 سال بغير ڪنهن جرم جي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو ۽ هاڻي پيپلزپارٽي خلاف نيب گردي جو سلسلو شروع ڪندي محترم آصف علي زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر کي قيد ڪيو ويو آهي پر اسان وقت جي حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته پي پي جا جيالا ئي ڪڏهن آمرن آڏو نه جهڪيا آهن ته اسان جا اڳواڻ اوهان جي جيلن کان ڇا ڊڄندا. هنن چيو ته اسان نوابشاه کان تحريڪ جي شروعات ڪئي آهي ۽ ڪراچي ۾ به ڌرڻو هڻداسين هاڻي ته شيخ رشيد به چوي پيو ته نواز شريف کان آصف علي زرداري وڌيڪ بيمار آهي ان هوندي به مرد بهادر آصف علي زرداري حڪومت ۽ پنهنجن وڪيلن کي چيو آهي ته مون کي احسان يا خيرات ۾ آزادي نه کپي پر منهنجو ڪيس هلايو مان ڪورٽن مان آزاد ٿيندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو