هاءِ ڪورٽ جو فيصلو صوبي تائين محدود آهي: محمد ابراهيم خان

هاءِ ڪورٽ جو فيصلو صوبي تائين محدود آهي: محمد ابراهيم خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو صوبي جي حدن ۾ آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان صدارتي چونڊن ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پرزائيڊنگ آفيسر جا فرض سرانجام ڏنا.اليڪشن کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ چيو ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ شفاف صدارتي چونڊون ٿيون.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رڳو صوبي تائين محدود آهي پر سپريم ڪورٽ جو فيصلو سڄي ملڪ لاءِ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو