نگران سرڪار پ پ حڪومت جو تسلسل هئي: جماعت

نگران سرڪار پ پ حڪومت جو تسلسل هئي: جماعت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه طرفان زمين جي الائٽمينٽ سميت نگران دور جي فيصلن تي نظر ثاني واري اعلان تي تعجب جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حقيقت ۾ نگران حڪومت پيپلزپارٽي حڪومت جو تسلسل ھئي.جڏھن سنڌ جي نگرن سرڪار سنڌ جون زمينون ادارن حوالي ڪري رهي هئي ته ان وقت پ پ قيادت ڇو خاموشي اختيار ڪئي؟ جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا وڏي وزير مراد علي شاه جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل تي چيو ته اسان اڳم ئي چيو هو ته نگران حڪومت کي سنڌ جي وسيلن جي نيلامي جو ڪو اختيار ڪو نه آهي . عملي طور نگران وڏو وزير شاھ کان وڌ شاھ جو وفادار بڻجڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رھيو. جنهن جي دور کي سنڌ جا ماڻهو ھڪ ڪاري دور جي طور تي ياد رکندا. ڇوته زمينن جي الاٽمينٽ کان وٺي عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙي ۾ بہ ھو برابر جو شريڪ آهي. ان سان گڏ زمينن جي بدلي اليڪشن اقتدار جي سودي بازي جا پڻ پ پ قيادت تي الزام لڳي رھيا آھن

پهنجو تبصرو موڪليو