گھوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) جسقم جي اڳوڻي سينئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي گھوٽڪي پھچي جسقم اڳواڻن لطيف سنڌو ۽ محبوب گھوٽو سان ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سنڌيار سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آھي ان ڪري سنڌ ڌرتي تي رھندڙ سنڌ کي پنھنجي ماءُ سمجھن ۽ ڪير به ڪنھن ڀل ۾ نه رھي ته اسين ڌرتي جو ھڪ انچ به ڪنھن کي ڏينداسين. هن چيو ته اسين پنھنجي ڌرتي جي وارثي ۽ مالڪي ڪرڻ بخوبي ڄاڻون ٿا.جن کي سنڌ نه ٿي وڻي يا سنڌ کي وطن تسليم نٿا ڪن اھي سنڌ ڇڏي ھليا وڃن هن جو اهو به چوڻ هو ته سنڌ ڪو يتيم خانو نه آھي جو دنيا جا تڙيل ماڻھون سنڌ اچي آباد ٿين. ان موقعي تي جسقم ضلعي صدر حبيب ﷲ گھوٽو جساف ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ رشيد سنڌي نصر ﷲ ڪلادي ڪامريڊ اڪرم ٿھيم مير حسن لاشاري لطيف ميراڻي عبدالغفور چاچڙ زاھد شنباڻي آصف راھوجو ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.










