اسلام آباد (بيورو رپورٽ)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان ڪا به وزارت ناهي گهري. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان چئي رهيا آهيون ته پهرين آئيني ترميم جو واعدو پورو ڪيو وڃي.ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته توهان ڪڏهن وفاقي ڪابينا جو حصو ٿيڻ وارا آهيو؟ خالد مقبول صديقي چيو ته انگن اکرن موجب نه حڪومت کي ضرورت آهي ۽ نه اسان کي ضرورت آهي.صحافي خالد مقبول صديقي کان سوال ڪيو ته ڇا پيپلز پارٽي آئيني ترميم جي حمايت ڪندي؟خالد مقبول صديقي جواب ڏنو ته پيپلز پارٽي اسان جي حمايت ڪري ٿي يا نه، اسان سڀ دليل ڏئي چڪا آهيون.










