سائرا ٿهيم جو الزام ڪوڙو قرار،استاد آجا،  مظاهرو ۽ بک هڙتال

سائرا ٿهيم جو الزام ڪوڙو قرار،استاد آجا، مظاهرو ۽ بک هڙتال

ڄامشورو(ن س) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي يعني لمس ۾ شاگردياڻي سائرا ٿهيم جي حراسمينٽ الزام جي جاچ ڪندڙ ڪاميٽي ٻن استادن کي الزام کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي ذهني دٻاءَ جو شڪار هئڻ سبب اهڙو الزام لڳايو آهي. سائرا ٿهيم ڪجهه ڏينهن اڳ هاسٽل ۾ مبينه خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، بعد ۾ شاگردياڻي فارميسي شعبي جي ٻن استادن تي الزام هنيو هو ته اهي کيس حراسان ڪري رهيا هئا، ان معاملي جي جاچ لاءِ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر بيکارام پاران پروفيسر سهيل عالماڻي جي سربراهي ۾ 5 رڪني انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن شاگردياڻي سائرا ٿهيم ۽ الزام هيٺ آيل استادن احسان ميمڻ ۽ شفقت رضوي سميت ڪجهه شاگردياڻين جا بيان رڪارڊ ڪيا، جنهن بعد ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي . ذريعن موجب جاچ ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ الزام هيٺ فارميسي شعبي جي ٻن استادن کي سخت مزاج ڄاڻايو آهي ۽ سندن سخت رويي کي شاگردياڻين جي پريشاني جو ذميوار قرار ڏنو ويو . هوڏانهن حيدر آباد  ۽ شيخ ڀرڪيو ۾ سائرا ٿهيم سان انصاف ڪرڻ بابت ڌار ڌار  احتجاج ڪيا ويا. شيخ ڀرڪيو مان مظفر علي بروهي موجب لمس جي شاگردياڻي سائرا ٿهيم سميت درسگاهن ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ خلاف شيخ ڀرڪيو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن  رياض علي لغاري محمد هاشم قمبراڻي امين سنڌي محمد علي شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين شيخ ڀرڪيو گلاب لغاري ٽنڊو غلام علي حيدراباد روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو.

  ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا تعليمي ادارا هن وقت بگهڙن جي حوالي آهن. هنن چيو ته هتي جهان خان وارو قصو  هلي رهيو آهي زيادتيون به اهي ڪن ۽ ڪميٽيون به اهي جوڙين ۽ فيصلو به پاڻ ٿا ڪن. هوڏانهن حيدرآباد مان اصغر خاڻوٺي موجب لمس جي شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس تي سول سوسائٽي  پاران علامتي بک ھڙتا ڪئي وئي. جنھن ۾ سنڌو نواز گھانگھرو، نازش فاطمه، پنھل ساريو سميت ٻين شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي واقعي ۾ ملوث پروفيسرن کي فوري طور معطل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو . احتجاج ۾ متاثرا شاگردياڻي به شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو