شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) گلاب لغاري ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابراهيم هنڱورو ۾ غير قانوني چوري جا ڪنيڪشن ڪٽڻ تان ڳوٺاڻن ڪاوڙ ۾ اچي واپڊا عملي تي لٺين ۽ پٿرن سان حملو ڪري وڌو، واپڊا عملي ڪم ڇڏي جان بچائي واپس روانوٿي ويو واپڊا عملي جي فيڊر2 ڦلڪارا جي انچارج غلام نبي جي فرياد تي ممتاز هنڱورو علي مراد هنڱورو سميت هنڱورا برادري جي 6 نامعلوم ماڻهن تي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او گلاب لغاري سب انسپيڪٽر عمران حفيظ گنڀير ٻڌايو ته اسين جاچ ڪريون پيا.










