ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر 4 پارڪو ملازم فوت ، ڊرائيور گرفتار

ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر 4 پارڪو ملازم فوت ، ڊرائيور گرفتار

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) پي پي ايل گيس فيلڊ ڀر سان انڊس ھاءِ وي تي خوفناڪ حادثي ۾  چار ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار  ڪري ورتو. شڪارپور ڀرسان پارڪو ڪمپني  ۾ ملازمت ڪندڙ پوليس اھلڪار غلام رسول شيخ، ثناء الله اوڳاھي، سيڪورٽي گارڊ غلام رسول ڪلهوڙو ۽ ڪار ڊرائيور محمد ايوب گولو جيڪي پٽرولنگ ڊيوٽي تي هئا سامهون ايندڙ تيز رفتار ٽرالر اور ٽيڪ ڪندي کين ٽڪر هنيو. جنهنجي نتيجي ۾ ٽرالر ڪار مٿان ڪرڻ سبب ڪار ۾ سوار  ٻه ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال کڻائي آئي جتي زخمي به فوت ٿي ويا. فوتين جو تعلق شڪارپور، لاڙڪا ڻو، غوثپور ۽ ڪنڌ ڪوٽ سان ٻڌايو پيو وڃي. جن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد  وارثن حوالي ڪيا ويا.پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو