شهري کي اغوا ۽ قتل ڪرڻ جي الزام ۾ 2 اهلڪار گرفتار

شهري کي اغوا ۽ قتل ڪرڻ جي الزام ۾ 2 اهلڪار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ پوليس هڪ شهري کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ جي الزام ۾ 2 اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڊي آءِ جي سي آءِ اي موجب پوليس اهلڪارن ٻين ساٿين سان گڏجي شهري کي منگهو پير وٽان اغوا ڪيو هو.ڊي آءِ جي سي آءِ اي جو چوڻ هو ته جمعي تي منگھو پير وٽان نظام الدين نالي شهري جو لاش هٿ ڪيو ويو.ڊي آءِ جي سي آءِ اي موجب شهري کي اغوا ۽ قتل ڪرڻ جي الزام ۾ 2 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن ٻين ساٿين جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو