بئريسٽر گوهر جي گهر تي ڇاپو، آءِ جي پيش، جاچ جاري

بئريسٽر گوهر جي گهر تي ڇاپو، آءِ جي پيش، جاچ جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته مون کي هينئر ئي خبر ملي آهي ته خاندان تي حملو ڪيو ويو آهي،سپريم ڪورٽ ۾ بٽ جي نشان بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي دوران بئريسٽر گوهر چيو ته مون کي هينئر ئي خبر ملي آهي ته منهنجي گهرواري تي حملو ڪيو ويو آهي،هن چيو ته گهر مان خبر آئي آهي، چار ماڻهو آيا هئا، پٽ ۽ ڀائٽي کي ماريو ويو آهي، منهنجي گهر مان ڪمپيوٽر ۽ ڪاغذ کڻي ويا آهن،چيف جسٽس چيو ته جيڪو ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها،چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي روسٽرم تي طلب ڪندي چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب جيڪڏهن ائين ٿيو آهي ته نه ٿيڻ گهرجي ها،ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مان ڏسندس ۽ هو عدالت روم مان نڪري ويو،جڏهن بئريسٽر گوهر سپريم ڪورٽ پهتي ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته گوهر جو ڇا موقف آهي؟،بئريسٽر گوهر چيو ته صورتحال انتهائي سنگين آهي،چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته معاملو هاڻي حل ڪيو وڃي،بئريسٽر گوهر چيو ته چار ڏينهن ۾ ماڻهو منهنجي گهر آيا، ڪنهن تي اعتبار ناهي، عدالت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڇا ٿيو،ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان ڳالهايو ويو آهي، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي جاچ ڪري رهيا آهن ته ڇا ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو