لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي 8 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب افسوسناڪ واقعو خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت جي علائقي توتي خيل ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل جوابدارن هڪ گهر ۾ داخل ٿي گهرڀاتين تي فائرنگ ڪري ڏني.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گذريل رات پيش آيو، جنهن ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ ٻه عورتون ۽ ٻه ٻارڙا به شامل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.پوليس ذريعن موجب شروعاتي طور واقعو دشمني جو لڳي رهيو آهي پر ان حوالي سان جاچ کانپوءِ قتل جا سبب سامهون ايندا.










