دنيا جي 6 ملڪن ۾ ورهايل ڪرد قوم جي تاريخ ڇا آهي؟ ثقلين امام

دنيا جي غير مستحڪم خطن مان هڪ وچ اوڀر آهي جتي آبادي جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي لساني يا نسلي گروپ ڪرد  آهن جيڪي اڄ تائين هڪ قومي رياست يا قومي سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اهو ئي سبب آهي ته جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن عام نقشي تي ڪردن کي تلاش ڪبو ته توهان کي انهن جو ڪو به ملڪ نظر نه ايندو. ڪرد هڪ آزاد ۽ خود مختار قوم ناهن پر هڪ اندازي جي مطابق اڍائي ڪروڙ ۽ ساڍن ٽن ڪروڙن جي وچ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪرد چوڻ وارا ٽولا  ترڪي، عراق، شام، ايران ۽ آرمينيا ۾ پکڙيل آهن .

ميسيپوٽيميا جي پهاڙن ۽ ميدانن ۾ رهندڙ قوم ڪرد جونعورتون ثقافتي رنگ ۾

ڪردن جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ورهاست

ان بابت چيو ويندو آهي ته هي بابل ونينوا جي ميدانن ۽ پهاڙن ۾ رهڻ وارا قديم ماڻهو آهن. هي علائقا هاڻِي ڏکڻ ترڪي، اتر اوڀر شام ، اتر عراق ، اتر اولهه ب ايران ۽ ڏکڻ اولهه آرمينيا علائقن ۾ آباد آهن. ڪردن جو سڀ کان وڌيڪ تعداد ايران، عراق، ۽ ترڪي جي مختلف علائقن ۾ رهي ٿو.

ان کانپوءِ ڪردن جو وڏو تعداد شام جي اترين ۽ اوڀارين علائقي ۾ آباد آهي ۽ انهن علائقن کي اڪثر ڪري ڪردستان چيو ويندو آهي. ڪردستان جي هر ملڪ ۾  پنهنجي الڳ معنيٰ آهي ايران ۾ ڪرد علائقن تي مشتمل هڪ صوبي جو نالو ئي ڪردستان آهي، جڏهن ته عراق ۾ ڪردن جي علائقي کي ڪرد خودمختيار خطو ( ڪردستان ريجنل گورنمينٽ) چيو ويندو آهي پر آئيني لحاظ کان هي عراق جو هڪ صوبو آهي. انسائڪلوپيڊيا  بريٽنيڪا جي مطابق ان کان علاوه ڪردن جو هڪ سٺو تعداد ايران جي اترين ۽ اوڀارين پاسي صوبي خراسان ۾ به آباد آهي .

سائيڪس پيڪو معاهدو

وچ اوڀر جا ڪيترن ئي مسئلن وانگر ڪردن جي انهن مختلف ملڪن ۾ ورهاست به پهرين عالمي جنگ کانپوءِ برطانيه ۽ فرانس جي وچ ۾ سن 1960 ۾ ٿيڻ واري سائيڪس پيڪو معاهدي جو نتيجو آهي سائيڪس پيڪو معاهدي هيٺ وچ اوڀر کي سلطنت عثمانيه کان الڳ ڪرڻ کانپوءِ برطانيه ۽ فرانس جي وچ ۾ ٺهڻ واري اثر و رسوخ جي دائري ۾ ورهائڻ هو. ان کانپوءِ مشرق وسطه يعني وچ اوڀر جي حيثيت ئي تبديل ٿي وئي.

برطانوي سفارتڪار سائيڪس پيڪو جنهن جي نالي سان معاهدو ڪرايو

سائيڪس پيڪو معاهدي هيٺ مشرق وسطه جي ورهاست کي سن 1920 جي معاهدي سيورا ۾ مستقل سرحدن ۾ تبديل ڪيو ويو. ترڪي ۾ ڪرد علائقن کي هڪ الڳ ڪردش خطو ( ٽيريٽري ) قرار ڏنو ويو هو پر ترڪن جي قومي حڪومت ان جي مخالفت ڪئي. ان کانپوءِ سن 1930 جي معاهدي  لوسين ۾ ترڪي جي سرحد کي عراق تائين تسليم ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪردن جي الڳ رياست جون تمام اميدون ختم ٿي ويون. ڪرد عراق ، شام ۽ ترڪي ۾ ورهائجي ويا . هن معاهدي جو اثر هي ٿيو ته ترڪي  ڪردن کي بنياد حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان طرح ڪرد سن 1990 جي ڏهاڪي جي آخر تائين شهري حقن کان محروم رهيا جيئن ته اڄ ڪلهه برما جي روهنگيا مسلمانن جي حيثيت جي باري ۾ جهڳڙو آهي. ڪرد ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اڄ تائين پنهنجي حقن لاءِ ترڪي سان مسلسل ويڙهه وڙهي رهيا آهن. 

ڪردن تي ظلمن جي تاريخ

عراق جي ڪردن تي صدام حسين جي دور ۾ بدترين ظلم ڪيا ويا. صدام حسين تي ڪردن جي نسل ڪشي ڪرڻ جا الزام  به لڳايا ويا.  هن دور حڪومت ۾ ڪردن تي 80 جي ڏهاڪي ۾ ڪيميائي هٿيار به هلايا ويا جنهن سان هزارن جي تعداد ۾ ڪرد شهري مارجي ويا يا معذور ٿي ويا.

جڏهن ايران جي شمال مغرب جي سرحدي علائقن ۾ رهڻ واري ڪردن سن 1946 ۾ هڪ آزاد ڪردستان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي  ته انهن کي ان وقت جي ايراني حڪومت سختي سان چيڀاٽي ڇڏيو.

ڪردن جي پراڻي تاريخ

اسلام کان پهريون ڪردن جي هڪ آزاد حڪومت جا آثار گهٽ نظر اچن ٿا پر جڏهن خلافت عباسيه ڪمزور ٿي ته جن چند ٽولن گروپن پنهنجيون خود مختيار رياستون قائم ڪيون ان ۾ سلطان صلاح الدين ايوبي تمام مشهور آهي . ان طرح تاريخ ۾ سڀني کان مشهور ڪرد حڪمران صلاح الدين ايوبي آهي. منگولن جي بغداد تي حملي کانپوءِ جڏهن وري مسلمانن کي عروج مليو ته ان دور ۾ به ڪرد هڪ ذيلي قوم جي طور تي خلافت عثمانيه جو حصو رهيا ان جي عثمانوي اهلڪارن سان جهيڙا ٿيندا رهندا هئا پر هي ان وقت به ايران ۽ خلافت عثمانيه جي زير حڪومت علائقن ۾ ورهايل رهيا. ڪردن جي هڪ عالم ادريسي بدليسي ڪردن ۽ خلافت عثمانيه جي وچ ۾ هڪ معاهدو ڪرايو.

سلطان صلاح الدين ايوبي ڪرد هو

ان معاهدي جي مطابق عثمانوي علائقن ۾ رهڻ وارن ڪرد خاندانن ۾ خليفي جي حاڪميت کي تسليم ڪري ورتو ۽ انجي بدلي ۾ خليفي ان قبيلن جي خودمختياري کي مڃي ورتو. ان طرح خلافت عثماينه ۾ ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين ڪرد هڪ خودمختيار قوم ۽ خودمختيار قبيلن جي صورت ۾ پر امن زندگي گذاريندا رهيا. جڏهن قومي رياست جا مغربي  تصور مشرق ۾ به پکڙجڻ شروع ٿيا ته ڪردن جي هڪ سردار مير محمد سن 1830 کان وٺي 1839 تائين هڪ متحده ڪردستان جي قيام لاءِ عثمانين جي خلاف جنگ وڙهي. ڪردن جي انهن ڪوششن جي ناڪامي کانپوءِ خلافت عثمانيه جي ترڪ اهلڪارن ڪردن جي علائقن کي  سڌو سنئون پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو. ڪرد سردارن کي انعام ۽ اڪرامن سان نوازيو ويو ، انهن جي ٻارن کي مراعتن ۽ تعليم جو سهولتون ڏنيون ويون ۽ انهن کي انتظاميه ۾ اعليٰ عهدا ڏنا ويا ته جيئن هو خليفي جا وفادار رهن . اهڙي صورتحال سبب ڪردن ۾ هڪ اشرافيه طبقو پئدا ٿيو جيڪو جديد تعليم يافته هو جنهن ڪردن ۾ سياسي شعور پئدا ڪيو ، ڪردن جا ادارا قائم ڪيا  ۽ پوءِ پنهنجي قومي شناخت جي باري ۾ جدوجهد شروع ڪئي.

داعش سان ڪردن جي ويڙهه

جڏهن پاڻ کي دولت اسلامي چوڻ واري شدت پسند تنظيم داعش شام جي اترين علائقن ۾ پنهنجو مرڪز ٺاهڻ چاهيو ته انهن کي پهرين مزاحمت ڪردن جي طرفان ملي . شامي ڪردن جي سياسي جماعت حزب الاتحادي الديمقراطي ( جنهن کي پي وائي ڊي به چيو ويندو آهي )  ان جي عسڪري شعبي عوامي بچاءَ واري تنظيم (يا ڪينيان پارستينا گل جيڪا وائي پي جي چئبي آهي)، دولت اسلاميه يعني داعش جي خلاف حملن جي شروعات ڪئي. جڏهن دولت اسلاميه کي سن 2014 ۾ عراق ۾ فتح حاصل ٿي ته انجو سڌو سنئون جهڳڙو عراقي ڪردن سان به ٿيو . جڏهن موصل ۽ انجي ارد گرد وارن علائقن کان عراقي فوج  هٿيار ڦٽا ڪري پسپا ٿي وئي ته عراقي رياست جي خودمختيار ڪردن دولت اسلاميه سان جنگ ڪرڻ جي لاءِ “پيش مرگه”   چورائڻ واري پنهنجي عسڪري گروهه اسلامي شدت پسندن سان وڙهڻ جي لاءِ تعينات ڪيا پر دولت اسلاميه جي جنگ پيش مرگه کي به  پسپائي تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي قبضي هيٺ ڪيترا ئي علائقا دولت اسلامي جي ڪنٽرول ۾ اچي ويا جن ۾ سنجار به شامل آهي . اتي يزيدي اقليتي رهندا هئا جنهن جي عورتن کي دولت اسلاميه غلام بڻايو . دولت اسلاميه جي انهن حملن جي جواب ۾ آمريڪا ۽ انهن جي اتحادي طاقتن شمالي عراق ۾ هوائي حملا ڪيا ۽ پيش مرگه کي فوجي مشير به فراهم ڪيا. ڪردن جي جماعت وائي پي جي، جيڪا ترڪي سان ٽن ڏهاڪن کان وڙهي رهي آهي  ۽ جن جا عراق ۾ اڏا به آهن ، اهي به پيش مرگه جي مدد لاءِ پهتا. سيپٽمبر 2014 ۾ دولت اسلاميه شمالي شام جي هڪ ڪرد شهر ڪوباني تي حملو ڪيو جنهن سبب لکن جي تعداد ۾ ڪرد ترڪي ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيا. جنوري سن 2015 ۾ تقريبن 1600 ماڻهن جي جنگ ۾ موت کانپوءِ  ڪردن ڪوباني کي دولت اسلاميه کان آزاد ڪرائي ورتو . شمالي شام ۾ ڪردن مقامي عرب مليشيا سان گڏ جيڪي سيرين ڊيموڪريٽڪ فورسز جي نالي سان سڃاتا ويندا هئا،  دولت اسلاميه جي خلاف جنگ وڙهي ۽ انهن کي ڪافي پري ڌڪي ڇڏيو. انهن ڪردن کي آمريڪا جي مدد حاصل هئي . انهن ڪردن ۽ عرب مليشيا شام ۾ ترڪي جي سرحد سان گڏ وارن علائقن ۾ پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪري ورتو .آڪٽوبر سن 2017 ۾ سيرين ڊيموڪريٽڪ فورسز دولت اسلاميه جي دارالحڪومت  رقه کي آزاد ڪرائي ورتو ۽ پوءِ اتان کان ڏکڻ طرف پيش قدمي ڪندي انهن شدت پسندن جي ٻئي وڏي مرڪز ديرالزور کي به آزاد ڪرايو. دولت اسلامي جو آخري شهر باغوز به سيرين ڊيموڪريٽڪ فورسز جي قبضي ۾ سن 2019 ۾ اچي ويو .

ڪرد مزاحمتي گروپ پيش مرگه جا ويڙهاڪ

هن فورس پنهنجي ڪاميابي جو جشن ته ملهايو پر خبردار ڪيو ته جهادين جا سليپر سيلز يعني ڇڙ وڇڙ ٿيل گروپ هاڻي به خطي جي استحڪام ۽ دنيا جي لاءِ خطرو آهن. انهن حالتن جي پسمنظر ۾ هاڻِي ترڪي کي ڪردن جي حملي کي منهن ڏيڻو آهي ڇو ته ترڪي 32 ڪلوميٽر شام اندر هڪ محفوظ زون ٺاهڻ چاهي ٿو ته جيئن شام کان ايندڙ پناهگيرن کي واپس شام ۾ آباد ڪري سگهون. شامي حڪومت جنهن کي روس جي حمايت حاصل آهي اها به ڪوشش ڪري رهي آهي ته هو شام جي تمام علائقن جو ڪنٽرول واپس حاصل ڪري .

ترڪي ڪردن کي پنهنجي لاءِ خطرو ڇو سمجهندو آهي ؟

ترڪ ڪردن ۽ ترڪ رياست جي وچ ۾ تمام پراڻي دشمني جي تاريخ آهي . ڪرد ترڪي جي آبادي جي 15 سيڪڙو کان 20 سيڪڙو حصو آهن.  ڪردن جي ڪيترين ئي نسلن کي ترڪ حڪام جي زيادتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي . ڪردن جي ڪيترين ئي بغاوتن سبب انهن کي ترڪي جي اندر هڪ دفعو 1920 ۽ پوءِ 1930 جي ڏهاڪي ۾ علائقي بدر ڪيو ويو. ان کان علاوه ڪردن جي نالن ۽ انهن جي لباس تي پابندي لڳائي وئي ، ڪرد زبان ڳالهائڻ تي به ڪافي پابنديون لڳايون ويون . ايتري تائين ته ڪرد نسل جي وجود کي به مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ انهن کي پهاڙِ ترڪ چيو ويندو آهي. 1978 ۾ ڪرد اڳواڻ عبدالله اوچلان ترڪي ۾ ئي هڪ آزاد ڪرد رياست جي قيام جي لاءِ “پي ڪي ڪي” نالي سياسي جماعت قائم ڪئي هئي . انجي قيام جي 6 سالن کانپوءِ ان گروپ هٿياربند جدوجهد شروع ڪري ڇڏي. ان وقت کان هن مهل تائين چاليهه هزار ماڻهو مري ويا ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.

ترڪي ۾ ڪردن جي شهر سورج ۾ ٿيل بم ڌماڪي بابت خيال آهي ته اهو ترڪ فوج ڪرايو

سن 1990 ۾ پي ڪي ڪي آزاد ڪردستان جي مطالبي کان هٿ کڻي وئي ۽ ان جي جاءِ تي وڌ کان وڌ سماجي ۽ ثقافتي خودمختياري جا مطالبه ڪري ڇڏيا، جڏهن ته انهن جي گڏيل جدوجهد جاري رهي . سن 2013 ۾ ڳجهي  ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هڪ جنگبندي ڪئي وئي پر هي جنگبندي سن 2015 ۾ شام جي سرحد جي ويجهو هڪ ترڪ شهر سورج ۾ هڪ خودڪش حملي کانپوءِ ختم ٿي وئي .  پي ڪي ڪي  ترڪ پوليس ۽ فوج تي ان ڌماڪي جي سازش جو الزام لڳايو .  ان ڌماڪي کانپوءِ ترڪي پي ڪي ڪي ۽ دولت اسلاميه جي خلاف دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ جي نالي تي فوجي ڪاروائي جي شروعات ڪئي. تڏهن کان هيئنر تائين ترڪي جي ڏکڻ اوڀر ۾ هزارين ماڻهون مري چڪا آهن.

شامي ڪرد ڇا ٿا چاهين ؟

شام ۾ ڪرد سموري آبادي  جو تقريبن ست سيڪڙو کان 10 سيڪڙو ٿيندا، سن 2011 ۾ شام جي صدر بشار الاسد جي خلاف اٿڻ واري تحريڪ کان پهريون  انجي اڪثريت اليپو شهر ۽ ان سان گڏ ٽن ننڍن شهرن ڪوباني ، آفرين ۽ قميشلي ۾ رهندي هئي. شام جا ڪرد بنيادي شهري حقن کان ڪافي عرصي کان محروم رهيا آهن. سن 60 جي ڏهاڪي ۾ تقريبن ٽي لک ڪردن کي شهريت نه ڏني وئي. ان جي علاوه ڪردن جون زمينون انهن کان کسي عربن ۾ ورهايون ويون هيون ته جيئن انهن علائقن کي عرب قرار ڏئي سگهجي.جڏهن بشارالاسد جي خلاف تحريڪ هڪ گهرو ويڙهه جي صورت اختيار ڪري وئي ته ڪردن جون جماعتون غير جانبدار رهيون.  سن 2012 ۾ شام جي ڪرد علائقن ۾ تعينات شامي فوج کي اتان کان هٽائي دولت اسلاميه سان وڙهڻ جي لاءِ ٻين علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو. ان خلا جو فائدو کڻندي ڪردن انهن علائقن تي قبضو ڪري ورتو.

شامي ڪردن رقه کي آزاد ڪرايو

جنوري سن 2014 ۾ ڪردن شام جي ٽن ضلعن  آفرين، ڪوباني ۽ جزيره ۾ خودمختيار انتظاميه قائم ڪري ورتي. سن 2016 ۾ انهن هڪ وفاقي نظام قائم ڪيو جنهن ۾ انهن دولت اسلاميه کان آزاد ڪرايل ٻين علائقن کي به شامل ڪري ورتو. شام جي حڪومت سميت شام جي حزب مخالف، ترڪي ۽ آمريڪا انهن جي ان اعلان کي رد ڪري ڇڏيو. شام جي صدر بشار الاسد عزم ڪري ڇڏيو آهي ته هو شام جو هڪ هڪ انچ واپس حاصل ڪندو. انجي حڪومت هي چوندي ڪردن جي خودمختياري جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته شام ۾ ڪير به آزاد ۽ خودمختيار يا ڪنهن وفاقي نظام کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

ڇا عراقي ڪرد آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا؟ عراق ۾ ڪرد سڄي آبادي جو 15 سيڪڙو کان 20 سيڪڙو آهن. انهن کي تاريخي طور تي پاڙِسري ملڪن ۾ رهڻ واري ڪردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ حق حاصل آهن پر انهن کي به فرق واري ظالماڻي رويي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سن 1946 ۾ مصطفيٰ برزاني عراق کان خودمختياري حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪردستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي ( ڪي ڊي پي) ٺاهي هئي پر انهن جي گڏيل جدوجهد سن 1960 جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي هئي. عراق ۾ حڪومت سن 1970 ۾ ڪردن جي اڪثريتي آبادي واري تيل جي کوهن سان مالا مال علائقن خاص ڪري ڪرڪوڪ مان ڪردن کي زبردستي بيدخل ڪري عرب قبيلن کي آباد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ايران ۽ عراق جي سن 80 جي ڏهاڪي جي جنگ جي دوران ڪردن جي  بيدخلي جو سلسلو تيز کان تيز ترين ٿي ويو.  عراقي حڪومت سمجهي پئي ته ڪردن کي ايران جي حمايت حاصل آهي . سن 1988 ۾ ان وقت جي عراقي صدر صدام حسين ڪردن جي خلاف انتقامي ڪاروائين جي شروعات ڪري ڏني. انهن ڪاروائين دوران حلابجا ۾ ڪردن جي خلاف ڪيميائي هٿيارن جو استعمال به ڪيو ويو. ان جي نتيجي ۾ ڪردن کي خودمختيار انتظاميه قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي. برزاني جي پٽ  ۽ طالبان جي وچ ۾ گڏيل طاقت جو معاهدو ٿيو پر سن 1994 ۾ ٻنهن  ۾ ڇڪتاڻ پئدا ٿي ۽ ڪرد علائقا هڪ دفعو  ٻيهر گهرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويا. سن 2003 جي آمريڪا جي قيادت هيٺ فوجي اتحاد صدام حسين جي حڪومت خلاف ڪاروائي ڪئي ته عراقي ڪردن آمريڪا سان تعاون ڪيو ۽ انهي طرح ڪردستان ريجنل گورنمينٽ جي پنهنجي خودمختيار حڪومت قائم ڪئي ۽ دوحق ، عربيل ۽ سليمانيه جي صوبن کي به پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سن 2017 ۾ عراق جي ڪرد علائقن ۾ ۽ ڪرڪوڪ سميت اهي جهڳڙي ۽ اعتراض وارا علائقا  جيڪي پيش مرگه دولت اسلاميه کان آزاد ڪرايا هئا ان ۾ آزادي جي لاءِ هڪ ريفرنڊم ڪرايو ويو هو . ان ريفرنڊم جي عراقي حڪومت  اهو چئي مخالفت ڪئي هئي ته هي غير قانوني هيو. هن ريفرينڊم ۾ 33 لک  ماڻهن حصو ورتو ۽ انهن مان 90 سيڪڙو ووٽرن الڳ ملڪ جي قيام جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ڪردستان ريجنل حڪومت جي اهلڪارن چيو ته  هي ريفرنڊم ان ڳالهه جو مئنڊيٽ ڏئي ڇڏيو آهي ته هو پنهنجي آزادي جي لاءِ بغداد سان ڳالهه ٻولهه ڪن پر ان وقت جي عراق جي وزير اعظم حيدرالعبادي چيو ته پهريون هو ان ريفرنڊم کي ڪالعدم قرار ڏين. ان جي ٻئي مهيني  عراقي فوج  ڪرڪوڪ جي تيل جي کوهن تي قبضو ڪري ورتو جيڪو ان کان پهرين ڪردن جي قبضي هيٺ هيو.

ترڪ ڪردن جو اڳواڻ عبدالله اوچلان

ڪرڪوڪ جي کوهن جي آمدني کان محروم ٿيڻ سان ڪردن جي آزادي جي ڪوششن کي تمام وڏو ڌچڪو لڳو. ريفرنڊم جي ان مهم ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ مصطفيٰ برزاني ڪردستان ريجنل گورنمنٽ جي صدارت جي عهدي تا استعيفيٰ ڏني. پر ڪرد جماعتن جي وچ ۾ چڪتاڻ سبب هي عهدو سن 2019 تائين خالي رهيو ۽ آخرڪار مصطفيٰ برزاني جي ڀائيٽي نيچيروان برزاني تي اتفاق  راءِ ٿيو.(بي بي سي اردو تي هي مضمون شايع ٿيو جيڪو سليم ڪلهوڙو سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو