چونڊ نشان بابت سپريم ڪورٽ جو هر فيصلو قبول هوندو، گوهر خان

چونڊ نشان بابت سپريم ڪورٽ جو هر فيصلو قبول هوندو، گوهر خان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئرسٽر گوهر خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان بيٽ تي سپريم ڪورٽ جو جيڪو فيصلو هوندو، منظور هوندو، 14 سينيٽرز جي موجودگي ۾ اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ٺهراءُ جي ڪا به قانوني حيثت ناهي، راولپنڊي ۾ اڊياله جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر چيو ته آئين ۽ سپريم ڪورٽ موجب اليڪشن مقرر وقت تي ڪرائڻ لازمي آهي، صدر به اليڪشن ڪرائڻ لاءِ صحيح ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ ته اهو به چئي چڪي آهي ته 8 فئبروري تي ٿيندڙ اليڪشن پٿر تي لڪير آهي، سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان بابت درخواست تي سومر تائين فيصلو ٿي ويندو، سپريم ڪورٽ جو جيڪو فيصلو هوندو، منظور هوندو

پهنجو تبصرو موڪليو