شاهي جوڙو چترال بعد ڪيلاش وادي جو دورو، وليم ۽ والده جون يادون

چترال (ويب ڊيسڪ) برطانوي شهزادو وليم شهزادي ڪيٽ مڊلٽن سان گڏ قدرتي حسن سان مالا مال وادي چترال گهمڻ بعد ڪيلاش وادي پهتو.

جتي هن ڪلاشا ماڻهن سان ملي ڊانس ڪري، گيت ڳائي ڀرپور لطف حاصل ڪيو. کين اخروٽ جي ماني به کارائي وئي. ڪلاشا ماڻهن ثقافتي رنگ پيش ڪري کين بيحد متاثر ڪيو.

هنن ڪلاشا ماڻهن جون ٽوپيو ۽ ثقافتي پهراڻ پاتا ۽ کين تحفي طور ڏنا ويا.

برطانوي شاهي جوڙو هيلي ڪاپٽر ۾ هندوڪش جبل جا دل لڀائيندڙ ۽ انمول منظر ڏسندس، فوٽو گرافي ڪندي قدرت جي خوبصورت نظارن سان لطف اندوز ٿيندي هيليڪاپٽر تي چترال پهتو ته جوڙي کي روايتي چترالي ٽوپي پارائي وئي ۽ شالون پيش ڪيون ويون، شهزادي پنهنجي ٽوپي لاهي گهر واري کي ڏني.

ڪيٽ مڊلٽنچترالي ٽوپي پائي پنهنجي سس مرحومه شهزادي ڊيانا جي ياد تازي ڪري ڇڏي . ياد رهي ته شهزادي وليم جي والده شهزادي ڊيانا 1991 ۾ چترال جو دورو ڪيو هو. (تصويرون اي ايف پي جون آهن ۽ ڊان جي ٿورن سان اسين استعمال ڪيون(

1991 ۾ شهزادي ڊيانا وليم سان گڏ چترال آ؟ي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو