صنعتن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي: محمد علي

صنعتن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي: محمد علي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران توانائي واري وزير محمد علي چيو آهي ته نگران حڪومت وڏو ڪم ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن ۾ صنعتن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي.ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران توانائي واري وزير محمد علي چيو ته نگران حڪومت ۾ ٻه يا ٽي ڪم ڪرڻ وارا آهيون، صنعتن لاءِ بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا ويندا، جنهن سان صنعتن کي گهرن لاءِ سستي شين جي فراهمي ٿيندي. هن چيو ته ان کان علاوه گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ۽ يوريا ڀاڻ جي قيمت ۾ گهٽتائي به ان ۾ شامل آهن.ظرفيت جي ادائيگي جي حوالي سان نگران وزير چيو ته نگران حڪومت ظرفيت جي ادائيگي جو مسئلو مڪمل طور تي حل نه ڪندي پر ان کي حل ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو