نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ڪندو ڇا؟ ڪنڊي

نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ڪندو ڇا؟ ڪنڊي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ڪندو ڇا، هڪ بيان ۾ فيصل ڪنڊي چيو ته نواز شريف 40 سال حڪومت ۾ رهيو. پنجاب ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙي هڪ به اسپتال ناهي ٺاهي، جيڪي ڪراچي جون حالتون خراب ڪري رهيا هئا. نواز شريف جا اتحادي هئا. هن چيو ته بلاول ڀٽو چيو هو ته ٿر بدلجندو پاڪستان، اڄ ٿر پاڪستان کي روشن ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو پنجاب جي هر شهر ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙا ادارا قائم ڪندو. فيصل ڪريم چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن کي روزگار جا وسيلا فراهم ڪندو. هو پورهيتن ۽ مزدرون جي محاشي بدحالي ختم ڪندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو جي سياست انتقام نه پر عوام جي خدمت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو