ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ 8 سيٽن تي ايڊجسٽمينٽ جا معاملا طئي ٿي ويا. ذريعن موجب لياري جي تڪ اين اي 247 تي ن ليگ جي اميدوار کي ايم ڪيو ايم سپورٽ ڪندي، ملير جي تڪ اين اي 247 ۽ 237 تي مسلم ليگ ن پنهنجو اميدوار ميدان ۾ لاهيندي، سکر، نوابشاهه، ٽنڊو الهيار، سانگهڙ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي مسلم ليگ ن جو اميدوار هوندو. جڏهن ته انهن شهرن ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي ايم ڪيو ايم پنهنجا اميدوار بيهاريندي.










