شهباز جي پاڳاري ۽ صديقي سان ملاقات، گڏ هلڻ تي اتفاق

شهباز جي پاڳاري ۽ صديقي سان ملاقات، گڏ هلڻ تي اتفاق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ن ليگ جو وفد ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي پهتو.شهباز شريف ڪراچي جي دوري تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز پهتو، جتي هن ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان مصطفيٰ ڪمال، فاروق ستار، امين الحق، نسرين جليل، انيس قائم خاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مسلم ليگ ن جي وفد ۾ اياز صادق، مريم اورنگزيب، سعد رفيق، بشير ميمڻ، نهال هاشمي، علي اڪبر گجر ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي شهباز شريف نواز شريف جي مبارڪباد ۽ متحده جي قيادت جو خصوصي پيغام به پهچايو.ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شهباز شريف چيو ته هو پنهنجن دوستن سان ملڻ آيو آهي ۽ نواز شريف جو پيغام ۽ سلام کڻي آيو آهي.ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر، رابطا ڪميٽي ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات دوران شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم اسان سان تمام گهڻو تعاون ڪيو جنهن تي اسان انهن جا شڪر گذار آهيون.هن چيو ته اڳيان ڪيترائي چئلينج هوندا، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ن گڏجي انهن چئلينجن کي منهن ڏينديون.ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻنهي پارٽين جي قيادت صوبائي سطح تي قائم ڪميٽين جي سفارشن تي به غور ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪميٽي ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڳالهيون ڪندي،،،ٻئي طرف سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مخالف وڏو چونڊ اتحاد ٺاهڻ لاءِ شهباز شريف جون پيرپاڳاري، جي ڊي اي جي ٻين اڳواڻن ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقاتون، شهباز شريف پارٽي اڳواڻن اياز صادق، خواجا سعد رفيق، مريم اورنگزيب، بشير ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ راجا هائوس پهتو، نون ليگ جي وفد ۽ جي ڊي اي قيادت جي ملاقات دوران صدر الدين شاهه، مرتضيٰ جتوئي، ذوالفقار مرزا، حسنين مرزا، زين شاهه، اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا، عام چونڊن دوران سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون

پهنجو تبصرو موڪليو