راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان ليس فتح 2 ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب فتح 2 جديد ترين ايويونڪس ۽ اڏام جي منفرد رفتار سان ليس ميزائل آهي، فتح 2 جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان ليس ميزائل آهي، هي ويپن سسٽم 400 ڪلو ميٽر جي حد تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.ٽنهي سروسز جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن فتح 2 ميزائل جي ڪامياب تجربي جو مشاهدو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب صدر ۽ وزيراعظم ڪامياب ميزائل تجربي تي فوج ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين ۽ آرمي چيف به ڪامياب ميزائل تجربي تي فوجين ۽ سائنسدانن جي ڪوششن کي ساراهيو.










