پوليس چيف جي سفارش تي قريشي 15 ڏينهن لاءِ نظربند

پوليس چيف جي سفارش تي قريشي 15 ڏينهن لاءِ نظربند

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي پاران تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم جاري ڪيا ويا، جيڪي پنڊي پوليس چيف جي سفارش تي جاري ڪيا ويا. ڊي سي آرڊر چيو ته شاهه محمود قريشي 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد آهي، ان کان جاچ جي ضرورت آهي، ان ڪري سندس نظربندي جا حڪم جاري ڪيا وڃن.ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل ۾ نظربند ڪرڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو