ڪي اين شاهه (ن س)ڪي اين شاهه ڪُور حسن مان نابين نوجوان، عورت ۽ معصوم نينگر مبينا طور اغوا ٿي ويا،وارثن احتجاج ڪندي چيو آهي ته 5 ڏينهن اڳ نابين راجا چانڊيو، روزينا زال غفار ۽ ٻار کي جوابدار منٺار، ظفر ۽ عمر چانڊيو اغوا ڪري ويا،وارثن الزام هنيو آهي ته جوابدار گهرن تي حملو ڪري سوين ڍور به ڪاهي ويا، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، اسان جي پاسي ڌاڙيل آهن انهن رڻ ٻاري ڏنو آهي،پوليس ڏوهارين کان رشوت وٺي ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، آءِ جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي










