خانپورمهر( آفتاب سيال) ڳوٺ ساماڻو پتافي ۾ ڳوٺ ٻاهران گذرندڙ گهٽي مان چوپايو مال گذارڻ تان پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين طرفان هڪٻئي مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين توڙي سروٽن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ مسمات شبيران، لياقت علي، علي انور پتافي، الاهي بخش پتافي، عبدالستار پتافي، عرض محمد پتافي، صالح محمد پتافي شامل آهن جڏهن ته زخمين کي خانپورمهر ٿاڻي بعد اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي ٻنهي ڌرين جي هڪ ٻي مٿان اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي هڪ ڌر جي محمد اعظم پتافي ٻڌايو ته اسين سڀ گهر ڀاتي ووئڻن جي چونڊي تي هياسين ته پٺيان مخالف ڌر جو چوپايو مال اسان جي گهرن ۾ گهڙي آيو ته گهر ۾ موجود ٻارڙن مال کي گهران ڪڍيو، جنهن جي اسان کي خبر به نه هئي اسين چونڊو ڪرڻ کانپوءِ ڦٽيون کڻي نور واهه واري رستي تان گهر پئي وياسين ته جوابدارن الاهي بخش، نواب، ممتاز پتافي وارن اسان جو رستو روڪي اسان مٿان حملو ڪيو جنهن سبب اسان جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن پر پوليس به اسان جو هڪ ماڻهو لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي رابطي ڪرڻ تي ٻي ڌري ٻڌايو ته اسان جو مال انهن جي گهرن اندر داخل ناهي ٿيو بنا جواز اسان کي تنگ ۽ پريشان ڪندا رهن ٿا هنن اعلى حڪام کان مطالبو ڪيو ته انڪوائري ڪري انصاف ڏياريو وڃي










