اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ڪميشن آڏو پيش ٿيو، پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن 20 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو، جنهن تي اسان آرڊر تحت چونڊون ڪرايون.بئريسٽر علي ظفر چيو ته چيئرمين جو عهدو 5 سالن لاءِ هوندو آهي ۽ پينل جي چونڊ 3 سالن لاءِ هوندي آهي، جتي بنا مقابلي اليڪشن ٿيندي آهي اتي ووٽنگ جي ضرورت ناهي هوندي، بنا مقابلي چونڊ غير قانوني ناهي،هن چيو ته پاڪستان جي آئين، اليڪشن ايڪٽ ۽ اليڪشن رولز ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو ڪو به ذڪر ناهي، ڳڻپ جي حساب سان ڪيو وڃي.علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊن ۾ ريگيوليٽر ناهي ان ڪري چونڊ تڪرار ان اداري ۾ نه ٿو آڻي سگهجي. ڪميشن جي ميمبرن پڇاڻو ڪيو ته سڄي ملڪ جون چونڊون پشاور ۾ ٿيون، جنهن تي بئريسٽر علي ظفر چيو ته هر پارٽي جي اليڪشن هڪ ئي جاءِ تي ٿيندي آهي، پي ٽي آءِ اليڪشن شيڊول ميڊيا ۾ آيو، ان کي به موڪليو ويو. اليڪشن ڪميشن 30 نومبر تي پولنگ واري ڏينهن سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، اسان جي 8 لک رجسٽرڊ ووٽرن مان 6 لک اوورسيز پاڪستاني آهن، ان عمل دوران ڪنهن به نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا ۽ نه ئي ڪنهن پارٽي سربراهه اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي. ڪمشنر صاحب، اسان اهو نٿا چئي سگهون ته اچو ۽ اليڪشن وڙهون، اليڪشن وڙهڻ رضاڪارانه آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان جلسو به نيٽ تي ڪري رهيا آهيو، سڪندر سلطان راجا جي بيان تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٽهڪ لڳي ويا،ميمبر ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته توهان جا نامزدگي ڪاغذ ڪٿان ملي رهيا آهن، جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسان جا فارم سينٽرل آفيس ۽ ٻين آفيسن مان به ملي رهيا آهن، خبر پئي ته اليڪشن ٿي رهي آهي، اها ڪا ڳجهي اليڪشن نه هئي. درخواستگذار جي وڪيل عزيز الدين ڪاڪا خيل چيو ته اليڪشن نه ٿي، رڳو چونڊ ٿي، پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪالعدم قرار ڏني وڃي. درخواستگذار شاهه فهد چيو ته مون کان اڳ جنهن به پارٽي ۾ شموليت ڪئي ان کي چيلينج ڪريان ٿو، ٻڌڻي هڪ ڏينهن اڳ منهنجي رڪنيت ختم ڪئي وئي.وڪيل شاهه فهد چيو ته منهنجي موکل خلاف 9 مئي تي ايف آءِ آر داخل آهي، شاهه فهد به اڊيالا جيل ۾ هو، سندس ڏوهه پي ٽي آءِ جو ميمبر هجڻ هو، جنهن ڪري هن وقت سندس پارٽي کيس محروم ڪري رهي آهي، بي بنياد اليڪشن قبول نه ٿي ڪري سگهجي.اليڪشن ڪميشن درخواستگذارن جا جواب مڪمل ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.










